اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊ بابت صدارتي ريفرنس بدديانتي تي مبني آهي. هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته وفاقي حڪومت آئين ۽ پارليامينٽ ج حوالي سان غير متعلق بڻائڻ چاهي ٿي.هن چيو ته وفاقي حڪومت آئيني ترميمي بل جي لاءِ پارليامينٽ ۾ ٻهتهائي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ، هن چيو ته حڪومت هاڻي يو ٽرن وٺي رهي آهي ته سينيٽ جون چونڊون آئين جي تحت نه آهن ۽ ان ڪري آئيني ترميم جي ضرورت نه هئي. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته جئين صدر ججن خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو ان ڪري هو پنهنجي سياسي ايجنڊا جي پيروي ڪندي سپريم ڪورٽ کي به گمراهه ڪري رهيو آهي.










