اوٻاوڙو)غلام علي رند( رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر سيلرا تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 65 سالن جو ڇڱو شر 25 سالا عمر شر 2 سالا الاهي بخش شر سخت زخمي ٿي پيا ايس ايڇ او رونتي غلام مصطفی١ ميراڻي سان تفصيل معلوم ڪرڻ لاء رابطو ڪيو پر رابطو نه ٿي سگهيو. هوڏانهن شر برادري جي ماڻھن ميڊيا کي ٻڌايو ته سيلرا برادري جي ماڻھن اسان جي ڳوٺ مٿان حملو ڪري جديد هٿيارن جو استعمال ڪندي چار ڪلاڪ فائرنگ بعد 3 ماڻھو زخمي ڪرڻ بعد 30 ٻڪريون ڪاهي ويا آھن. پوليس سيلرا برادري سان ٻٽ بڻيل آھي اسين آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ٿا ڪيون ته هن خوناريزي جو نوٽس وٺي خوني تڪرار روڪيو وڃي.










