سيف الله نيازي ۽ ابرار الحق پاران پي ٽي آئي ڇڏڻ جو اعلان

سيف الله نيازي ۽ ابرار الحق پاران پي ٽي آئي ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد/لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف ڪنوينر سيف الله نيازي به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيف الله نيازي چيو ته مان تحريڪ انصاف ڇڏي رهيو آهيان.هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران مان تمام گهڻو پريشان رهيو آهيان، پنهنجي خاندان تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو.سيف الله نيازي وڌيڪ چيو ته 9 مئي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ ابرار الحق به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هو روئي ويٺو،لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ابرارالحق چيو ته منهنجي پرورش سياسي ۽ فوجي گهراڻي ۾ ٿي.هن چيو ته جڏهن الله مون کي شهرت ڏني ته منهنجي خواهش هئي ته پاڪستان لاءِ ڪجهه ڪريان. ابرار الحق چيو ته اسان جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ شهيدن جي ٻارن لاءِ تعليم مفت آهي.هن چيو ته منهنجي عادت آهي ته شهيدن جي تصوير کي سلامي پيش ڪريان ٿو، اسان شهيدن جي خاندانن کي هر سال ”صحارا“ ۾ مدعو ڪندا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته مون کي شهرت يا عهدي جو ڪو لالچ ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو