سيسي اسپتال جسم مليل جاڙن ٻارن جي پيدائش

ملير (ڊر ) مزدورن لاءِ قائم لانڍي جي اڪيلي  سوشل سيڪيورٽي اسپتال ۾ جسم ڳنڍيل ٻن جاڙن ٻارن جي پيدائش ٿي، جن مان هڪ ٻار جي حالت خراب ٿي پئي انتطاميا ٻنهي ٻارن کي هنگامي بنيادن تي جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ خليل احمد ،ولي محمد ۽ ٻين  اسپتال ۾ صفائي  ۽ ٻارن جي وارڊ ۾ سهولتن نه هجڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته  هزارين مزدور هن اسپتال مان صحت جون سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن پر سيسي کاتو ساليانو ڪروڙين روپيا ڪمائڻ باوجود  مزدورن لاءِ لانڍي اسپتال ۾ هڪ به اهڙو وارڊ تيار نه ڪرائي سگهي آهي جتي صفائي ۽ بنياداي سهولتون مليل هجن هنن چيو ته اسپتال ۾ غير تربيتي عملو سفارش تي ڀرتي ڪيو ويو آهي جيڪو انساني جانين سان کيڏي رهيو آهي اسپتال جي حدن م  چوڌاري ڪتا ۽ ٻليون ڊوڙي رهيا آهن غلاظت سبب مريض وڌيڪ بيمار ٿين ٿا پر ڪو مثنت قدم نٿو کنيو ُڃي هنن حڪومت کان ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي اسپتال کي سڌارڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي،

پهنجو تبصرو موڪليو