سيد جي سالگرهه، سن ميدان جنگ، فائرنگ، شيلنگ ۽ لٺبازي

سن (رپورٽ مهراڻ عمراڻي) سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگرهه سنگينن جي سائي ۾ ملهائي وئي. سنڌ جي مختلف علائقن مان ايندڙ قافلن جي رستا روڪ ڪئي وئي، سن ۾ پوليس، رينجرز ۽ سادن ڪپڙن ۾ هٿيار بند اهلڪارن سن ۾ پهتل ڪارڪنن جي ميڙاڪن تي ڪڙڪي پيا. سيڪيورٽي لاءِ انتظاميا سنڌ جي مختلف ضلعن مٽياري، دادو، شھيد بينظيرآباد ۽ ڄامشورو مان سوين تعداد ۾ پوليس نفري ۽ رينجرس طلب ڪئي وئي. صبح سوير کان سن انڊس هاءِ وي تي ايندڙ قافلن کي روڪي سخت چيڪنگ ڪئي وئي، عورتن ٻارڙن جي تلاشي پڻ ورتي وئي.

Photo Sindhyar

سيد زين شاهه جي قافلي کي 2 ڪلاڪ روڪيو ويو، جسم اڳواڻ رياض چانڊيو کي پيٽارو سن سميت ٽن هنڌن تي روڪيو ويو. سيد جي مزار واري گرائونڊ جي مختلف گهٽين تي رينجرس پوليس چڙھائي ڪري ڪارڪنن تي لٺبازي پڻ ڪئي بازار کي پڻَ بند ڪرايو ويو سن کي ڪڙو چاڙھيو ويو. موبائيل نيٽ ورڪ ۽ بجلي بند ڪرائي وئي علائقي کي جنگ جو ميدان بنايو ويو. ڪارڪنن تي وحشاڻو تشدد ڪيو ويو سادن ڪپڙن ۾ اهڪار سرعام.هٿيارن جي نمائش ڪندي فائرنگ ڪري خوف ڦھلائيندا رهيا. جيئي سنڌ محاذ جسقم، آريسر گروپ جي جلسن تي رينجرس ۽ پوليس طرفان چڙھايون ڪيون ويون پنڊالن تي شديد فائرنگ شيلنگ ۽ ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي وئي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڪارڪن شديد زخمي ٿي پيا جنهن مان هڪ ڄڻي حنيف نهڙيو نالي ڪارڪن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مانجهند اسپتال آندو ويو جتي اسپتال ۾ جنريٽر نه هئڻ سبب زخمي کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو .

Photo Sindhyar

جسقم بشير خان قريشي گروپ جلسو

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو جي اڳواڻي ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪئي وئي، جنهن بعد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت سان گڏ رھبر سنڌ سائين جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽي جلسي جي شروعات ڪئي، جلسي کي جسقم چيئرمين خطاب ڪندي چيو ته دنيا جڏهن بارود جي ڍير تي بيٺي هئي ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد فڪري طور تي 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکي مذهب جي درست تشريح ڪئي، تصوف جو فڪر عام ڪيو، هن ماڻهن ۾ برابري، ٻڌي، سهپ ۽ رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪرادر ادا ڪيو. سيدکي 32 سال قيد ڪيو ويو، نظر بند ڪيو ويو، پر هن چيو ته دنيا ۾ امن ڀائيچارو قائم رکڻ لاءِ ترقي لاءِ عدم تشدد، پيار، محبت سواءِ ڪو رستو ناهي، هن انسانيت جو درس ڏنو، هن چيو معاشرو نفرت، ويڙھ سان نه پر محبت ۽ ڀائيچاري سان تبديل ٿيندو، ان پيغمبر صفت انسان جي سالگرھ تي ايندڙ جسقم جي قافلن کي روڪيو ويو آهي، جسقم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اڄ سن کي نو گو ايريا بڻايو ويو آهي، هن چيو ته سيد جي فڪر جي روشني ۾ سنڌ جي مالڪي ڪري رهيا آهيو، اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سنڌ سان عشق جي ڏوھ ۾ جيل ۽ ٻيون سختيون ڀوڳيو ن آهن، هن چيو ته اسان پرامن آهيون سيد جي عدم تشدد جي واٽ تي هلي رهيا آهيو، جيڪا واٽ شهيد بابا بشير قريشي اسان کي ڏيکاري ويو آهي، هن چيو ته سنڌ مان گرفتار ڪيل جسقم ڪارڪن کي آزاد ڪيو وڃي، هن چيو ته سيد جي فڪر جي ڪُک ۾ ڇُرو نه هنيو وڃي ،عدم تشدد جي واٽ کان سواءِ جدوجهد سيد جي فڪر سان دوکو ۽ ڍونگ آهي، سيد پنهنجي سڄي ڄمار عدم تشدد جي پاليسي تي هلي سنڌ جي مستقل، آسودگي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، هن چيو ته اسان سنڌ لاءِ جدوجهد جو رستو سيد جي فڪر ۽ شهيد بشير خان قريشي جي اختيار ڪيل رستو آهي، هن چيو ته وقت جي حڪمرانن سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي ٻڏل سنڌ جا سمورا حق هڙپ ڪيا ۽ هاڻي هٿرادو مهانگائي ڪري سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن تي 12 فيبروري تي نوشهرو فيروز ۾ احتجاج ۽ ريلي جو اعلان ڪريا ٿو، هن چيو ته 14 فيبروري تي محبت جي عالمي ڏينهن تي شهيد بابا بشير قريشي جي مزار تي ساڻس محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ کي پنهنجي حصي جي ٻوٽي ۽ وڻ لڳائڻ جو سڏ ڏيان ٿو، جلسي کي جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Photo Sindhyar

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي حاضري
سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگره جو ڪيڪ سيد جلال محمود شاهه سيد زين شاه ڊاڪٽر سيد ضيا شاهه سيد بدرالزمان شاهه، جونيئر جي ايم سيد روشن ٻرڙو ۽ ٻين گڏجي ڪاٽي تقريب جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي چئرمين سيد جلال محمود شاهه چيو ته بيماري سبب تقرير نٿو ڪري سگهان پر هتي ايندڙ سمورن ڪارڪنن کي ڀليڪار چوان ٿو. هن سڀني تي زور ڀريو ته جي ڊي اي اتحاد جو حصو بنجي گڏيل جدجهد ڪئي وڃي. ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته حڪمرانن سائين جي پوئلڳن کي ڊيڄارڻ لاءِ غير ضروري طور وڏي پيماني تي رينجرس ۽ پوليس جا اٽالا بيهاريا ويا آهن، هنن پر امن ڪارڪن تي لٺبازي، شيلنگ ۽ سڌي فائرنگ ڪري ڪارڪن زخمي ڪيا ويا ويا آھن ڪارڪنن جي گرفتاري، کين کنڀڻ زخمي ڪرڻ ۽ اي ٽي سي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو.

Photo Sindhyar

هن وڌيڪ چيو 2 ڏينهن اڳ بلدياتي اليڪشن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ڪئي وئي جنهن ۾ ايماندار آفيسر 200 ووٽ بنا ٺپن وارا بيلٽ پيپر برآمد ڪيا. روزمره ڏوهن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آھي ڪوڙي جهموريت کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته ويسٽرن بارڊر مان افغانين کي بنا پاسپورٽ جي ڇڏيو پيو وڃي جڏھن ته کوکرا پار تي سختي ڪئي وئي آھي پختونن کي افغاني پيارا آھن ته سنڌين کي گجرات جو عوام پيارو آھي تحرير ۽ تقرير جي اجازت ناهي.

Elderly worker Allan Khan Thebo’s daughter Yasmin Thebo wrote a book about his father’s life and introduced in SAN. Saeen Zain Shah and others inaugurated it.

معشيت تباه ٿيڻ سبب ڏيوالو نڪري چڪو آھي خارجا پاليسي ڪٺپتلي وزير حوالي آھي جنهن پاڙيسري ملڪن سان تعلقات خراب ڪري ڇڏيا آھن اسٽيبلشمينٽ ماضي جي 75 سالن کان ناهي سکي ملڪ ۾ 2 نمبر اليڪشن ذريعي قيادت آندي وڃي ٿي تڏھن ڏيوالو نڪتل آھي. هن چيو ته سنڌ جو ڪوسٽل بيلٽ جي 270 ڪلوميٽر تائين وفاق حوالي ڪئي وئي آھي سنڌ کي بي اختيار ڪري ٽئڪس وسيلا زمينون وفاق حوالي ڪيون ويون آھن. هن چيو ته ڌانڌلي جا هيراڪ حڪمران اليڪشن ۾ اليڪٽرڪ ووٽنگ مشين ۽ بايوميٽرڪ سسٽم جي مخالفت ڪن ٿا. هن چيو ته 2023 اليڪشن جو سال آھي جنهن ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان حصو وٺي زرداري شيطان کي ڀڄايو ويندو سموريون قومپرست جماعتن کي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ت سياست ۾ اختلاف ته ٿي سگهن ٿا پر وفاق پرست هجون يا قومپرست هجون وطن جي محبت جي نقطي تي سڀ هڪ آھيون، هر سنڌي سنڌ سان بي پناهه محبت ڪري ٿو سنڌ ھڪ خطو نه پر جتان جتان سنڌو درياء گذري ٿو اها سنڌ آھي موجوده پاڪستان به سنڌ آھي هن وڌيڪ چيو ته زرداري جو بينظير سان ڪوبه تعلق ناهي سنڌ جا حق گهرڻ لاء سڀ متحد ٿي مظبوط ٿينداسين سائين جي ايم سيد پرامن سياست ڪئي جي ڊي اي تمام وڏو اتحاد آھي جنهن سان ايس يو پي اتحاد ڪري وڏي سگهه بخشي آھي مراد شاهه سنڌ جي هر شھر کي کنڊر بنائي ڇڏيو آھي زرداري مافيا بنا حڪومت جي گهرن ۾ به سياست نه ڪري سگهندا سيد سنڌ کي انقلابي نوعيت جو پيغام ڏنو ان کي سمجهي اڳتي وڌڻ گهرجي.

جسقپ حاضري
جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي,سيف الله سرگاڻي, سيد صالح شآھ, ھيمون , شيبر جمالي امير منگي ٻين سان گڏجي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي وئي ان موقعي تي جسقپ اڳواڻ قومپرست دودوديشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سنڌين جي آھي زرداري پناهگيرن جي سرپرستي پئي ڪري. اسين هر فورم تي سنڌ دشمن منصوبن خلاف مزاحمت ڪنداسين.
جيئي سنڌ محاذ سرور سهتو گروپ حاضري
هن گروپ جي جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ فيض الله جوڻيجو آدم ٻٽ اصغر لنڊ سراج ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ سيد جي مزار تي حاضري ڀري وئي. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيد جي سالگرهه ۽ ورسي تقريبن ۾ حڪومت ڪارڪنن سان ڏاڍ ڪيو آهي اسين رياستي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ٿا ڪريون.

Photo Sindhyar

سنڌ سجاڳي فورم جي حاضري
ان موقعي تي سارنگ جويو سهڻي جويو جي اڳواڻي ۾ عورتن ٻارڙن سميت سن انڊس هاءِ وي کان پيادل ريلي ڪڍي مزار تي حاضري ڀري وئي. هنن چيو ته پرامن ميڙن تي تشدد ڪري سيڪورٽي ادارن دحشت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسين واضح ٿا ڪريون ته اسين پر امن جدوجهد جاري رکنداسين.
عوامي جمهوري پارٽي
سيد لعل شاهه چيو ته ورهايو ۽ حڪومت ڪيو جو اصول پراڻو آھي قوم کي جاڳائڻ جو سبق سيد ڏنو. مخصوص طبقي ورهاڱي کان پوء ھندن کي لڏائي رولن کي گهرائي ترسايو ويو جيڪي اڳتي هلي دهشتگرد تنظيمون ٺاهي ويٺا آھن ون يونٽ خلاف سيد ۽ پليجي جدجهد ڪئي. نيشنل پارٽي جي ايوب قريشي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظھر راهوجو چيو ته اسڪول آف ٿاٽ ۾ جي ايم سيد پليچو ۽ ڀٽو ازم جا نظريا آھن جي ايم سيد ۽ پليجو استحصالي قوتن وسيلا ڦرلٽ ڪندڙ ڌارين جي آبادي جا قانون ٺاهڻ کي چئلينج ڪيو ملڪ جي قرارداد جي ايم سيد آندي ڀٽو واري فڪر ۾ وسيلن جي ڦرلٽ ۽ رڳو اقتدار آھي.
پورهيت مزاحمت تحريڪ
تنظيم جي اڳواڻ سيد مسرور شاهه چيو ته پريميڪس هڪ وقت جو خدا هو جنهن باهه ايجاد ڪري دنيا کي روشني ڏني جنهن کي وقت جي وڏن خدائن سخت تڪليفون ڏنيون سائين جي ايم سيد به زميندار خاندان سان تعلق رکندو هو جنهن وقت جي جاگيردار حڪمرانن خلاف عوام کي روشني ڏني جنهن سبب کيس جيل ۾ وڌو ويو قومن کي فيڊريشن ۾ تسليم نه ڪيو ويو ته ملڪ نه هلي سگهندو خطي کي انتهاپسندي جاگيرداري سرمائيداري جي حوالي آھي.
جلسي ۾ جي ايم سيد ميموريل ڪميٽي طرفان 2022 جو جي ايم سيد ايوارڊ سهيل ميمڻ جي نالي ڪيو ويو آخر ۾ جلسي ۾ قراردادون به پاس ڪيون ويون.

Photo Sindhyar

جيئي سنڌ محاذ رياض گروپ جو جلسو
هي جلسو سيد جي مزار جي پيرانديءَ کان منعقد ڪيو ويو، جلسي کان اڳ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو ۽ ڪارڪنن سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي خراجِ عقيدت پيش ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته سائين جي ايم سيد جدوجهد ۽ سندس فڪر سنڌ جو محافظ ۽ سنڌين جي دائمي سلامتي جو ضامن آھي، ملڪ ٺهڻ شرط رجعت پرستي ۽ موقعي پرستن کي اسٽيبلشمينٽ پنهنجو اتحادي بڻائيندي قوم جي وجود جمهوريت ۽ انسان دوستي واري فڪر جو انڪار ڪيو، هن چيو ته سرڪار جيئي سنڌ جي سينئر وائس چيئرمين عزيز الله ڀٽو کي ٻن ڏينهن کان باندي بڻائي رکيو آھي، ۽ سوين قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙھايون ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آھي،جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين جي پيش نظر هڪڙي ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي سنڌ 2010 ۽ 2012 کان ويندي 2022 تائين ان تبديلي جي ڪري وڌيڪ تباھ ۽ برباد ٿي آهي حڪمران ماحولياتي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ ۾ نيڪال جو جديد سسٽم جوڙڻ لاء تيار ناهي، نه وري سنڌ جي ايريگيشن نظام کي جديد دور جي ضرورتن مطابق اپگريڊ ڪرڻ لاء تيار آھي، وڏن شهرن ۾ رڳو حيدرآباد ۽ ڪراچي هائوسنگ اسڪيمون بغير ماحول دوست جي اسٽڊي ڪرائڻ جي تعمير ٿي رهيون آھن، هن وقت سنڌ ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ سبب دربدر آھن نه سندن ٻيهر بحالي ٿي سگهي آھي نه وري کين گهر تعمير ڪري ڏنا ويا آھن، هنن حالتن ۾ به سنڌ حڪومت کان 9 ڊسمبر تي اها قرارداد پاس ڪرائي وئي آھي ته سنڌ پنهنجا مالي ۽ پيداواري ذريعا وفاق حوالي ڪري . وڌيڪ صوبا ٺاهڻ لاء پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آھي، مٿان ڊجيٽل آدمشاري جي نالي ۾ سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ لاء رٿابندي شروع.ڪئي وئي آھي، هن وڌيڪ چيو ته توهين مذھب جو شڪار ٿيل مٺيء جو معصوم نوجوان لو اجي ڪمار آھي. سنڌ کي مذھبي جنونيت واري پاسي وٺيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي سنڌ جي مذھبي رواداري لاء خطرناڪ آھي، هن چيو ته رياست جي آشيرواد سان ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد ٽولا هڪ ٿي ويا آھن، هن سيد جي فڪر جي پوئلڳن کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي بقا لاء اسانکي به هڪ ٿيڻ گهرجي. جلسي کي جسم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عابد حيدري ، غلام نبي کٽي، غفار ميرجت، اياز سولنگي پنهل جمالي جساف مرڪزي آرگنائيزر عرس ڪيهر ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته ملڪ ۾َنوان صوبا ٺاهڻ، ڌارين جي يلغار، اٽي جي بحران ۽ مهانگائي خلاف 4 فيبروري تي سنڌ جي سمورن ضلعن جي هيڊڪواٽري ۾ 24 ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئي ويندي.
جيئي سنڌ تحريڪ حاضري
جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي، سورھيه سنڌي ،نصير منگي ،قيوم ابڙو، ساگر سيال، آڪاش کٽي جي اڳواڻي ۾ سن جي هاءِ اسڪول کان سيد جي مزار تائين پيادل ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي. سيد جي مزار جي احاطي ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. سورھيه سنڌي دعويٰ ڪئي ته اسان جا 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مختيار علي، مقصود پتافي، سرمد ميمڻ قربان ڪورائي ۽ ٻين کي سن مان آڪري ٽول انڊس هاءِ وي تان گرفتار ڪري اڻ ڄاڻايل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي جن جي زندگين کي خطرو آهي.

Photo Sindhyar

جيئي سنڌ قومي پارٽي حاضري
پارٽي چيئرمين نواز خان زنئور، رحيم شر، سنڌي قومي ناري تحريڪ جي صدر شازيا جويو، عروج سنڌو ۽ روماسا نواز زنئور، سنڌ قومي اسٽوڊنٽس فرنٽ جي اڳواڻ سراج رسول ۽ انور خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي قومي ترانو پڙهڻ ۽ دعا گهرڻ سان گڏ سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سيد جي مزار جي احاطي ۾ ميڊيا ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ جو اھو امر ڪردار آھي، جنھن پنھنجي فڪر ۽ جدوجھد وسيلي سنڌ تي زندگيءَ جا دروازا ايئن کوليا آھن، جيئن گرڀ وتيءَ ماءُ پنھنجي وجود مان ٻار ۾ ساھ ڦوڪيندي آھي. سندس هڪ وڏو فڪري ڪارنامو هيءَ آهي ته هن ذاتين، برادرين، قبيلن، مذهبن ۽ فرقن ۾ ورهايل سنڌين کي هڪ جديد سنڌي قوم جي شڪل ڏني آهي. سيد کان اڳ سنڌي ڇڙوڇڙ انداز ۾ سوچيندا هئا، هاڻ ڪيٽي بندر کان ڪشمور، ڪارونجھر کان کيرٿر ۽ ڪراچي کان ڪمون شهيد تائين اهي هڪ قوم طور سوچين ٿا. نواز خان زئور چيو ته ‏سنڌ جي مسئلن جو حل قومپرست سياست جي درست حڪمت عملي ۽ ڪاميابي سان لاڳاپيل آهي. جيستائين سنڌي قومپرست پارلياماني سياست جو حصو نه ٿيندا تيسين مسئلا حل نه ٿيندا. اسان کي سيد جي فڪر جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙڻو پوندو. ان موقعي تي هن اعلان ڪيو ته 10 فيبروري تي ڌارين جي آبادڪاري، نون صوبن واري بل ۽ آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ خلاف سجاول ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. هن ڪارڪنن تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته هٿين خالي ڪارڪنن تي فائرنگ ڪرڻ فاشزم جو بدترين مثال آهي. هن چيو ته فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن کي معطل ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

Photo Sindhyar

جسقم آريسر گروپ جي حاضري
پارٽي چئرمين اسلم خيرپوري سرمد ميراڻي تاج جويو شاهنواز سنڌي جي اڳواڻي ۾ عورتن سميت ڪارڪنن سن انڊس هاءِ وي کان ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي پنڊال ۾ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽي جلسو ڪيو ويو ان موقعي تي چئرمين چيو ته سنڌ ۾َڌارين جون لوڌون لٿل آھن مذھبي انتهاپسندي زمينن جي والار قبضن قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف محبت جي عالمي ڏينهن 14 فيبروري تي ماتلي کان ٽنڊو محمد خان تائين پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو