سيتا سرجڻھار فورم پاران پبلڪ لائبريري جي قيام لاءِ احتجاج

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سيتا سرجڻھار فورم  پاران پبلڪ لائبريري جي قيام لاءِ (عوامي عدالت) ضلعي دادو جي سڀني پريس ڪلبن تي احتجاجي ريلين جو سلسلو جاري؛ نامور اديب مشھور ميمڻ جي اڳواڻي ۾  سيتا جي عوام لاءِ پبلڪ لائبريري جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ هفتيوار دستوري ريلي ڪڍي وئي ريلي شريڪ فورم جو باني مشھور ميمڻ، پروفيسر غلام مصطفا مڱڻھار، نوجوان ليکڪ اسد ميمڻ، محمد موساچانڊيو، عبدالرسول لوهر،  اويس علي شھزاد ميمڻ امان الله، مجيب ميمڻ، لڪي فراز،  فياض جوڻيجو،  حاجي فهد چنه ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال کان پبلڪ  لائبريري جي قيام لاء روڊن تي احتجاج ڪيون پيا مختلف (عوامي عدالت) پريس ڪلبن تي احتجاج ريڪارڊ ڪرائي چڪا آھيون پر نااهل حڪمران خاموش آھن ان ڪري اسين دادو جي معزز عدالت کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪيون ٿا جيئن سيتا روڊ جي هزارين شاگردن جي قسمت سنوانرجي سگهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو