سياسي پارٽي جي رجسٽريشن، ترين جو قانوني ٽيم سان مشورا

اسلام آباد: :(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ جهانگير ترين طرفان پنهنجي سياسي پارٽي جي قيام بابت مشاورتي عمل جاري آهي.جهانگير ترين اسلام آباد ۾ پنهنجي ليگل ٽيم سان به مشاورت ڪئي آهي ۽ هن اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي جي رجسٽريشن بابت ليگل ٽيم کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.جهانگير ترين پنهنجي نااهلي بابت امڪاني پٽيشن تي به ليگل ٽيم سان مشاورت ڪئي آهي. ذريعن موجب جهانگير ترين اڄ اسلام آباد کان لاهور پهچندو ۽ اهم ترين شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. ياد رهي ته جهانگير ترين 2 ڏينهن دوران 20 سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو