اسلام آباد ( بيورو) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پ پ جي اڳواڻ ميان رضا رباني چيو آهي ته سياسي پارٽيون مختصر وقت لاءِ سياسي سيز فائر ڪن.رضا رباني پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال 2010ع واري ٻوڏ کان گهڻي خراب آهي.سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي، ڏکڻ پنجاب ۾ سڄو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي.پ پ اڳواڻ اهو پڻ چيو ته ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي ڪوشش جي ضرورت آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ عالمي عطيو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.










