ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهين تي اتفاق راءِ لاءِ پيپلز پارٽي جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي رابطا ڪميٽي سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهين تي اتفاق راءِ لاءِ حڪومتي اتحادي پارٽين سان ڳالهيون ڪندي.سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه تي اتفاق راءِ لاءِ پيپلزپارٽي ڪميٽي ۾ يوسف رضا گيلاني، نويد قمر ۽ قمر زمان ڪائره کي شامل ڪيو ويندو.










