ٻڏتر واري صورتحال آهي،ڊبل گيم واري ڳالهه عمران ڄاڻي ٿو:صدر

ٻڏتر واري صورتحال آهي،ڊبل گيم واري ڳالهه عمران ڄاڻي ٿو:صدر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا بابت ڊبل گيم واري ڳالهه پنهنجي تجربي جي بنياد تي چئي هوندي.نجي ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ عارف علوي چيو ته سياسي منظرنامي تي ٻڏتر واري صورتحال آهي، آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿي ۽ معاملو خير خوبيءَ سان حل ٿي ويو.هن چيو ته عمران خان کي آگاهه ڪيو هو ته سمري ايندي ته اوهان سان صلاح مشورو ڪندس ۽ جڏهن سمري آئي ته عمران خان سان مشاورت ڪئي.عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ جهموريت مضبوط ٿي وئي آهي، مارشل نٿو لڳي سگهي.ناڻي واري وزير سان ملاقات بابت سندس چوڻ هوته اسحاق ڊار سان معيسٽ تي ڳالهه ٻول ٿي، پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو، اسحاق ڊار کي توانائي جي بچت جي حوالي سان پروپوزل ڏنو، مارڪيٽون جلد بند ڪرڻ گهرجن جنهن ذريعي ٽي کان چار هزار ميگاواٽ بجلي جي بچت ٿيندي.هن چيو ته اسحاق ڊار ۾ مفاهمت جو ٽيلنٽ آهي، ڌرڻي وارن ڏينهن ۾ به سندس ڪوشش هئي ته مفاهمت ٿئي.صدر چيو ته عمران خان هر معاملي تي مون ڀروسو ڪيو آهي، نئين فوجي قيادت سياست کان پري رهڻ چاهي ٿي، عمران خان باجوا بابت ڊبل گيم وارو بيان پنهنجي تجربي جي بنياد تي ڏنو هوندو .آرمي چيف جي حوالي سان عارف علوي چيو ته آرمي چيف سٺو ماڻهو آهي، مون کي سوچ جي حوالي سان سٺو لڳو، سمجهان ٿو ته آرمي چيف ادارن وچ ۾ عدم اعتماد کي گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو، مان سمجهان ٿو ته سياستدان به عدم اعتماد کي ختم ڪندا، آرمي چيف جي مقرري تي مون کي راءِ نه ڏيڻ کپي، اهو پارليامنٽ جو ڪم آهي، ڪجهه نمبر سينيارٽي ۽ ڪجهه ڪمپيٽنسي جا هئڻ گهرجن، اداري سان مشورو ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته فوج يا پوليس جو جيڪو به اهلڪار شهيد ٿيندو آهي مان سندن پونئرن سان فون تي رابطو ڪندو آهيان.هن چيو ته اعظم سواتي آزاد ٿيوته ساڻس ملاقات ڪئي هئي، اڳوڻي آرمي چيف سان اعظم سواتي جي سلسلي ۾ ڪميونيڪيشن رهي.صدر چيو ته عمران خان مون کان پڇي ها ته کيس اسيمبلي نه ڇڏڻ جي صلاح ڏيان ها، حڪومت ۽ مخالف ڌر ويهي اليڪشن بابت ڳالهيون ڪن.مقتول صحافي ارشد شريف جي حوالي سان سندس چوڻ هوته عمران خان مون ڏانهن خط لکيو هو، ارشد شريف جي حوالي سان ياد ڏياريو هو، مون خط سٺن لفظن سان وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزارت ڏانهن اُماڻيو، مون چيو هوته اِهو ڪمانڊر آف دي فورسز ڏانهن به موڪليو، ته جيئن غلط فهميون ختم ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو