اسلام آباد)بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي جنهن کي سياسي طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو، عدالت سياسي معاملن ۾ تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ عمران خان جي لانگ مارچ خلاف سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا عمران خان جي لانگ مارچ لاءِ جاءِ جو تعين ڪيو ويو آهي؟، عدالت انتظاميه کان پڇاڻو ڪري آگاهه ڪيو وڃي.عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي اڌ ڪلاڪ اندر انتظاميه کان پڇاڻو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته لانگ مارچ بابت انتظاميا ڇا ڪيو آهي؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته انتظاميا کي پي ٽي آءِ طرفان اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جو خط مليو، انتظاميا پي ٽي آءِ کان تاريخ، وقت ۽ جاءِ طلب ڪئي، جنهن جو جواب ناهي ڏنو ويو، وزيرآباد واقعي کان اڳ پي ٽي آءِ واقعي کانپوءِ ڌرڻو هنيو. انتظاميا پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.جسٽس عائشه چيو ته پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ڪيترن ئي ڏينهن کان هلي رهيو آهي، ڇا توهان انتظاميه سان رابطو ڪيو آهي؟ لانگ مارچ جي معاملي ۾ تڪڙ ڪهڙي آهي ۽ انتظاميه جي لاپرواهي ڪهڙي آهي؟چيف جسٽس چيو ته لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي جنهن کي سياسي طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو، اهڙن معاملن ۾ مداخلت عدالت لاءِ عجيب صورتحال پيدا ڪري ٿي، ٻڌايو وڃي، آڊيو سچي هجي يا ڪوڙ پر ان سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته احتجاج جو حق لامحدود نه آهي، اهو آئين جي حدن سان مشروط آهي، جيڪڏهن آئين جي ڀڃڪڙي جو واضح خطرو هجي ته عدليه مداخلت ڪندي، حڪمن جي ڀڃڪڙي تي معاملو عدالت لاءِ پيچيده بڻجي ويندو آهي. عدالت جي حڪم تي عمل ڪيو وڃي.ان دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته هاڻ درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته هو امن امان برقرار رکڻ لاءِ عدالت جي مداخلت چاهين ٿا، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا توهان اهو چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته صورتحال انتظاميه جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وئي آهي؟ عدالت چيو ته ڇا وفاق کي خبر ناهي ته پنهنجي ذميواري ڪيئن پوري ڪري؟ انتظامي معاملن ۾ سپريم ڪورٽ ڇا ڪري سگهي ٿي؟ رياست طاقتور ۽ بااختيار آهي.چيف جسٽس چيو ته اسان سمجهي سگهون ٿا ته توهان موجوده صورتحال تي پريشان آهيو، توهان چاهيو ٿا ته ملڪ ۾ امن امان هجي پر توهان اهڙو حڪم نه ٿا ڏيو جيڪو وقت کان اڳ هجي ۽ ان تي عمل نه ٿئي.










