سياسي عدم استحڪام، ڊالر 230 رپيا، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪجهه بهتري

سياسي عدم استحڪام، ڊالر 230 رپيا، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪجهه بهتري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ ڊالر جي اوڳاڙي جو سلسلو جاري آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 227 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 69 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ اڄ منفي ڪاروباري رجحان رهيو. پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس هاڻي 80 پوائنٽس هيٺ 39,751 تي آهي. ياد رهي ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 3 رپيا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 4 رپيا مهانگو ٿي ويو.خميس تي ڊالر جي خريداري قيمت 2.75 رپيا 225.00 مان وڌي 227.75 رپيا ٿي وئي ۽ وڪرو قيمت 3 رپيا 225.50 مان وڌي 228.50 رپيا ٿي وئي، جيڪا هڪ نئين رڪارڊ قيمت آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 224.00 رپين مان وڌي 228.00 رپيا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 4 رپيا وڌيڪ واڌ سان 225.00 رپين مان وڌي 229.00 رپيا ٿي وئي.سياسي عدم استحڪام ۽ ملڪي معيشت بابت گردش ڪندڙ ناڪاري خبرن جي اثرن سبب ڪالهه پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ ڏينهن جي هاڪاري رجحان کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر زوال جو شڪار ٿي وئي. سرمائي جي واپسي سبب ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 628 پوائنٽس گهٽجي ويو، 40 هزار پوائنٽس جي حد برقرار نه رهي، انڊيڪس 20 مهينن جي هيٺين سطح تي اچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو