ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ نثار کهڙو پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي صدارتي اميدوار نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني وئي آهي.جاري ڪيل بيان ۾ سندس چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي ئي ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍي سگهي ٿي.نثار کهڙي چيو آهي ته 18هين ترميم تحت صوبائي خودمختياري جي شقن تي عمل ڪيو ويندو.هن چيو ته آصف زرداري جو صدر ٿيڻ سان اين ايف سي ايوارڊ جي راهه هموار ٿيندي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته نئين قومي مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌيڪ وڌايو ويندو، آئيني طور اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو وڌائي سگهجي ٿو پر گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي.هن وڌيڪ چيو ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت آهن، صوبن جي وسيلن تي صوبن جو مڪمل حق تسليم ڪيو ويندو.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙي جو به چوڻ آهي ته غير جمهوري سازشون ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.










