سياسي انجنئرن سياسي انجنئرنگ بحران در بحران آڻيندو: بلوچ

سياسي انجنئرن سياسي انجنئرنگ بحران در بحران آڻيندو: بلوچ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو آهي ته 09 مئي جي سانحي ۾ ملوث اصل ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سزا ڏني وڃي، پر سياسي انجنئرنگ بحران در بحران آڻيندي انڪري طاقت سان نه بلڪه حالتن کي تدبر ۽ قومي حڪمت سان بهتر ڪيو وڃي، جماعت اسلامي ملڪ جي واحد ديني، سياسي ۽ جمهوري جماعت آهي جنهن ۾ ڪنهن خاندان جي هڪ هٽي ڪونه اهي، سڀئي فيصلا گڏيل مشاورت سان ٿيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾سولنگي قوم جي چيف سردار زبير خالد سولنگي جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ عوام سڀ کان وڌيڪ ووٽ ڏيئي اعتماد ڪيو آهي، ميئرشپ تي به اسان جو حق بڻجي ٿو طاقت يا غيرآئيني حيلا افسوس ناڪ آهن جڏهن ڪراچي جهڙي شهر ۾ حڪمران ڌُر اهو سڀ ڪجهه ڪري ته پوءِ باقي سنڌ سان ڪهڙو حشر هوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو