سياست ۾ نه ايندس پر خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: اسد عمر

سياست ۾ نه ايندس پر خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: اسد عمر

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته مان سياست ۾ نه ايندس پر خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان،لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اها حقيقت آهي ته آمريڪا ۾ ڪيل فيصلا پاڪستان تي اثرانداز ٿين ٿا،اسد عمر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني واضح طور تي چيو آهي ته هو آمريڪا ڏانهن نه ڏسي رهيو آهي،اڳوڻي وزير اهو به چيو ته فيصلا، پي ٽي آءِ جي حق ۾ هجن يا خلاف، هتي ئي ٿيڻ گهرجن،ٻئي طرف لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽن ڪيسن ۾ اسد عمر جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو