عدليا ۾ مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي استعمال ٿيندي،کوسه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته دنيا جي هن وقت جديد ٽيڪنالوجي ”مصنوعي ذهانت“ آهي ۽ عدليا ۾ ترت انصاف جي فراهمي لاءِ ان ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪم هلي پيو. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ماڊل ڪورٽس جي جوڊيشل آفيسرز کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ”اي ڪورٽ“ سبب وڪيل خوش آهن پئسو ۽ وقت بچن ٿا. سائل ۽ وڪيل عدالت اچڻ کانسواءِ گهر ويٺي ڪاروائي ۾ شريڪ ٿين ٿا. هن چيو ته تاريخي فيصلا اپ لوڊ ڪنداسين، سطني ججن کي پهچ هوندي، هڪ معاملي ۾ جج مختلف فيصلا نه ڪري سگهندا، سڄي ملڪ جي ججن کي زير سماعت ڪيسن ۾ مدد لاءِ معلومات ملندي ڪيسن جا تڪڙا فيصلا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ملڪي سياست، معيشت ۽ ڪرڪيٽ بابت مايوس ڪن خبرن ملن ٿيون. پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ۽ قائد ايوان کي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو ته ڪيس تڪڙا نه اڪلائجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو جيلن ۾ قيد آهن، انصاف جي فراهمي پهرين ترجيح آهي ۽ ماڊل ڪورٽس فوري انصاف مهيا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ جي ڪاروائي ڏسون ٿا ته اپوزيشن ليڊر ۽ قائد ايوان کي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي، اهو ڏسي ڊپريشن ٿيندو آهي. ان کان بچڻ لاءِ چئنل تبديل ڪندا آهيون ۽ جڏهن ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڏسندا آهيون ته پوءِ به مايوس ڪندڙ خبر ملندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي خبرن سان به مايوسي ٿئي ٿي، معيشت جي باري ۾ ٻڌون ٿا ته اها آءِ سي يو ۾ آهي، آءِ سي يو مان ٻاهر نڪري آئي آهي. ان جو ذميوار ڪير آهي ۽ اهو اهم معاملو ناهي، مسئلو اهو آهي ته سٺي خبر نٿي اچي. اسان جي معاشري ۾ هڪ ئي شعبو آهي، جتان سٺي خبر اچي رهي آهي ۽ اهو عدليه جو انصاف جي فراهمي وارو شعبو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو