لاهور(ويب ڊيسڪ)سياري ۾ گئس جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. سوئي ناردرن گيس ڪمپني ذريعن موجب مقامي گئس 750 ملين ڪيوبڪ فوٽ ملي رهي آهي، امپورٽ ٿيل آر ايل اين جي 1000 ايم سي ايف ڊي جي لڳ ڀڳ آهي.سوئي ناردرن گيس ڪمپني جي ذريعن جو چوڻ آهي ته موسم تبديل ٿيڻ سان گئس جي طلب وڌڻ لڳي آهي، جنهن سبب گئس جو شارٽ فال هن سال بلند ترين سطح تي پهچڻ جو خدشو آهي.هن وقت گئس جي فراهمي 1700 ملين ڪيوبڪ فوٽ آهي جڏهن ته طلب 2500 ملين ڪيوبڪ فوٽ کان وڌيڪ آهي، ايندڙ مهيني گئس جي طلب ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي سگهي ٿو.گهريلو صارفين کي رڳو 3 وقت جي گئس ملندي، صنعت ۽ ڪمرشل شعبي کي به گئس جي فراهمي مشڪل ٿي ويندي.سوئي ناردرن گئس ڪمپني ذريعن موجب امپورٽ ٿيل ايل اين جي تمام مهانگي آهي، جنهن ڪري گهٽ آرڊر ڏنا ويا آهن.سوئي ناردرن گيس ڪمپني اختيارين موجب ڪمپني چيمبرز کي بحران کان آگاهه ڪيو آهي ۽ حڪومت کي به صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي.سوئي ناردرن گيس ڪمپني جي عملدارن وڌيڪ چيو آهي ته گئس جا نوان ذخيرا ڳولڻ تي ڌيان ناهي ڏنو ويو، آر ايل اين جي مهانگي اگهه تي سستي فراهم نه ٿي ڪري سگهجي.سوئي ناردرن گئس ڪمپني جي آفيسرن جو اهو به چوڻ آهي ته هن سياري ۾ بجلي، ڀاڻ ۽ سي اين جي سيڪٽرن کي به گهٽ گئس ملندي.










