لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا 2 سئو کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن مختلف جيلن ۾ بند آهن،جن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ ٻيا شامل آهن.هن چيو ته جيل ڀريو، زندان ڀريو تحريڪ جو مقصد عوام جي سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ جدوجهد جو شعور آهي، فسطائي حڪمرانن کان آزادي سندن منزل آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو فسطائي حڪمرانن کان آزادي سندن منزل آهي، ذلفي بخاري، صداقت عباسي، فياض الحسن چوهاڻ ۽ چئن ايم پي ايز کي رات دير سان شاهپور جيل منتقل ڪيو ويو آهي.










