ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽجڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي سامهون اچي وئي.عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 31 آمريڪي ڊالر گهٽتائي ڏٺي وئي ۽ ان جي نئين قيمت 2003 ڊالر ٿي وئي اهي.عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽجڻ سان لاهور، ڪراچي، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا سميت ٻين شهرن ۾ في تولي سون جي قيمت 2600 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 16 هزار رپيا ٿي وئي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 2229 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 185 رپين جو ٿي ويو آهي.










