سون جي اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ سون جو اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ به سون جي اگهه ۾ واڌ سامهون آئي آهي.1150 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 89 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي ۽ 10 گرام سون 986 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 62 هزار 294 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 14 ڊالر وڌڻ کانپوءِ هڪ هزار 938 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو