سولنگي برادري  جو  زمين تي قبضي خلاف احتجاج

سولنگي برادري جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلو (ن سنڌيار) ميرپورماٿيلو ۾ زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف سولنگي برادري جي مرد ۽ عورتن جو احتجاج، بااثرن مٿان زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندي زمين غيرآباد ڪرڻ جو الزام، کانئن تحفظ ڏيئي زمين آباد ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو. تفصيل موجب: داد لغاري ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ غلام حيدر سولنگي جي رھواسي درجنين ڳوٺاڻا مرد ۽ عورتن خميسو سولنگي، مسمات سياڻي، مائي پري سولنگي ۽ الھبچايو سولنگي جي اڳواڻي ۾ گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي پريس ڪلب پھچي زمين تي بااثرن جي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.جڏھن ته ساڻس مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ پاڙي جا ڪيترائي ڳوٺاڻا پڻ احتجاج ۾ گڏ ھئا.ان موقعي تي ھنن دانھيندي چيو ته بااثر محمد علي سولنگي، حاجي ايوب سولنگي، ماجد سولنگي ۽ عمران وارا ڏھرڪي جي ديھه جادو پتافي ۾ خميسو سولنگي جي قبولي زمين تي ۽ ان جي مھاڳ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي زمينن ۾ ھر ۽ پاڻي ڏيڻ نه ٿا ڏين. جڏھن ته ڄاڻايل بااثرن ڄاڻايل زمينن ڀرسان پنھنجون زمينون آباد ڪري ڇڏيون آھن.اھڙي دانھن کڻي وڃڻ باوجود روينيو کاتو ڏھرڪي ۽ دادلغاري پوليس سندن جي مدد نه ٿي ڪري. ھنن وسوارن کان ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري کانئن تحفظ ڏياري زمينون آباد ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو