ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ماحول دوست توانائي مهيا ڪرڻ کان علاوه، سولر پينل عام طور تي اضافي گرمي پيدا ڪندا آهن جيڪا عام طور تي ضايع ٿي ويندي آهي. پر هاڻي سائنسدانن سولر پينلز جي هڪ نئين ڊيزائن ٺاهي آهي جيڪا هن ضايع ٿيندڙ حرارت يا گرمائش کي ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو آهي فضا مان پاڻي گڏ ڪرڻ. نئين سرشتي تحت سولر پينلز تي هڪ خاص جيل لڳائي وئي آهي، جيڪا هوا ۾ پاڻي جي بخارن کي گڏ ڪري ٿي. جيئن ئي اضافي گرمي پينل جي جيل کي ڇُهندي ، هڪ نمي جهڙو مادو هڪ ڌاتو جي دٻي ۾ پڄي ويندو ۽ ان جي اندر گيس ان کي پاڻي جي بوندن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي. تحقيقي ٽيم جو مقصد گهٽ قيمت تي صاف پاڻي ۽ آف گرڊ بجلي فراهم ڪرڻ آهي، خاص ڪري انهن علائقن جي رهاڪن کي جتي موسم اڪثر خشڪ هوندي آهي. سعودي عرب جي ڪنگ عبدالله يونيورسٽي ۾ ماحولياتي انجنيئر ۽ ريسرچ اسپيشلسٽ پينگ وانگ چيو ته اسان اهو ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي ته هڪ ئي وقت توانائي، پاڻي ۽ فوڊ پروڊڪشن حاصل ڪري سگهجي ٿي. محققن موجب هي سولر پينلز عالمي سطح تي صحت جي مسئلن کي به حل ڪندا. 2019 ۾ تيار ڪيل هڪ رپورٽ موجب آلوده پاڻي دنيا ۾ هر سال 12 لک 30 هزار ماڻهن جي مرڻ جو سبب بڻجي ٿو. محققن موجب اهي سولر پينل پاڻي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪري عالمي سطح تي صحت جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ به مدد ڪندا.










