اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سوشل ميڊيا ڪارڪن کي حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ڪارڪن پاران ايف آءِ اي کي هراسان ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي.پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا جي سرگرم اڳواڻ مريم ملڪ طرفان وڪيل ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿي.ايمان مزاري چيو ته ايف آءِ اي پاران پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا سرگرم ڪارڪن کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. عدالت ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










