سوسائٽين کي به ميرٺ سوسائٽي کي اڳيان رکڻ گهرجي: اڪرام الله ڌاريجو

سوسائٽين کي به ميرٺ سوسائٽي کي اڳيان رکڻ گهرجي: اڪرام الله ڌاريجو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽين ۾ پلاٽن جي منتقلي ۽ ٻين معاملن ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه اڄ گلشن معمار ويجهو ميرٺ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي دوري ڪرڻ جي موقعي تي چئي. دوري جي موقعي تي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز جو رجسٽرار حسين بلوچ پڻ ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ميرٺ هائوسنگ سوسائٽي ۾ بلاول ڀٽو زرداري پارڪ جو افتتاح پڻ ڪيو.ميرٺ سوسائٽي جي عهديدارن صوبائي وزير جو استقبال ڪيو.ان موقعي تي سوسائٽي جا عهديدار ڊاڪٽر مرشد رضا، شاهد بشير، ڪاشف شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پڻ سوسائٽي جي صفائي سٿرائي جي انتظامن کي ساراهيو. ميرٺ سوسائٽي جي اعزازي سيڪريٽري ڊاڪٽر مرشد رضا صوبائي وزير کي سوسائٽي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت آگاهه ڪيو.صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو رجسٽرار ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز محمد حسين بلوچ کي ٻين سوسائٽين جو دورو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي، صوبائي وزير سوسائٽي جا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ٻين سوسائٽين کي به ميرٺ سوسائٽي کي اڳيان رکڻ گهرجي. سوسائٽي جي پلاٽن جي بايو ميٽرڪ جي ذريعي ٽرانسفر قابل تعريف آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو نادرا ذريعي پلاٽن جي ٽرانسفر کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪا به غيرقانوني ۽ ٻٽي الاٽمينٽ نه ٿئي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سمورين سوسائٽين جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۽ آبادگارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو