ملير (درياخان شر) گلشن حديد لڳ قومي شاهراهه تي آئل ٽينڪر ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ ٽڪر، سوزوڪي پڪ اپ ۾ سوار ٺٽي واسي 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. ٺٽي کان ٽماٽا کڻي ايندڙ سوزوڪي پڪ اپ اوچتو موڙ ڪٽيندڙ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي پئي جنهنجي نتيجي ۾ ٺٽي واسي 3 نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويا.فوتين جو تعلق گهوڙا ٻاري سان آهي. سندن سڃاڻپ ياسين سوڍو، واحد سوڍو ۽ بلاول شاهه طور ٿي آهي. سندن لاش اسٽيل ملز جي اسپتال آندا ويا جيڪي بعد ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا. اسٽيل ٽائون پوليس ٻئي گاڏيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو .










