سوامي سروانند مهراج جو3 ڏينهن وارو ميلو ختم

غوث پور(عبدالنبي ملڪ) شھر جي پريم پرڪاش مندر ۾ ھندن جي روحاني پيشوا ۽ صوفي سنت سوامي سروانند مھراج جو 123  ساله جنم وارو ٽن ڏينھن جو ميلو پنھنجي پڄاڻي تي پھتو۔

ان موقعي تي  مختلف شھرن ڪنڌڪوٽ، بخشاپور،بڊاڻي، ڪشمو،چڪ ۽ ٻين آسپاس جي شھرن مان سوين ھندو توڙي مرد عقيدتمندن شرڪت ڪئي۔ ميلي جي آخري ڏينھن جيڪب آباد مان آيل ڀڳت نارائڻ گر پنھنجي ٽولي سان خوب موج ڪئي ۽ سوامي سروانند مھراج جي شان ۾ صوفيانه ڀڄن ڳائي آيل عقيدتمندن کي روحاني سڪون پھچايو۔ پروگرام جي پڄاڻي تي جنم ڏينهن جي حوالي سان ڪيڪ ڪاٽي سڀني آيل عقيدتمندن کي کارايو ويومندر جي انتظاميه طرفان لنگر جو بندوبست پڻ ڪيو ويو۔ ان موقعي تي سيڪيورٽي جا  انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو