اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ۽ وڪيل بابر اعواڻ پنهنجي پارٽي اڳواڻ اعظم سواتي کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي روسٽرم تي اچي ويو. وڪيل بابر اعواڻ چيو ته ايف آءِ اي اڃا تائين اعظم سواتي کي پيش ناهي ڪيو، عدالت گذريل ٻڌڻي تي ميڊيڪل جو حڪم ڏنو هو.اعظم سواتي جي وڪيل چيو ته هو عدالت کي ڪيس ۾ ڪهڙين شقن بابت آگاهه ڪندا. ٻڌڻي دوران جج بابر اعواڻ چيو ته سڪيورٽي اڃا ناهي آئي، ٿي سگهي ٿو جوابدارن کي اسپتال وٺي ويا هجن.جج وڌيڪ چيو ته توهان منهنجي چيمبر ۾ ويهو يا ڪنهن ساٿي کي عدالت ۾ ڇڏي ڏيو، جڏهن به جوابدار کي پيش ڪيو ويندو توهان کي خبر پئجي ويندي.










