سواتي جي گرفتاري، پي ٽي آئي سينيٽ ميمبرن جو چيف جسٽس کي خط

سواتي جي گرفتاري، پي ٽي آئي سينيٽ ميمبرن جو چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي جي سينيٽ ميمبرن پاران چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنيال کي خط لکيو ويو خط ۾ پي ٽي آئي جي سينيٽ ميمبرن چيف جسٽس عمر عطا بنيال کي ٻڌايو ته 13 آڪٽوبر جي رات ايف آئي اي سينيٽر اعظم سواتي جي رهائسگاهه تي چڙهائي ڪئي پي ٽي آئي جي سينيٽ ميمبرن جو چوڻ آهي ته عدالت ۾ پيشي کان اڳ سينيٽر اعظم سواتي کي حراست ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو اعظم سواتي عدالت کي پاڻ تي ٿيندڙ تشدد کان آگاهه ڪيو چيف جسٽس پاڪستان کي لکيل خط ۾ پي ٽي آئي جي سينيٽ ميمبرن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ انساني حقن جي محافظ آهي خط ۾ پي ٽي آئي جي سينيٽ ميمبرن اپيل ڪئي ته چيف جسٽس عمر عطا بنيال انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو بنا دير نوٽيس وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو