سوئي گئس ڪمپنين پاران اگهن ۾ 237 سيڪڙو تائين واڌ جو مطالبو

سوئي گئس ڪمپنين پاران اگهن ۾ 237 سيڪڙو تائين واڌ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سوئي گئس ڪمپنين گئس جي اگهن ۾ 237 سيڪڙو تائين واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي.سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن اوگرا کي مدي ۾ واڌ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن.اوگرا موجب گئس جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو هلندڙ مالي سال جي پهرين جولاءِ کان ڪيو ويو آهي، سوئي ناردرن گئس جي سراسري قيمت ۾ 237 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي جيڪو 1294 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو هوندو.سوئي ناردرن اوگرا کي گئس جي سراسري قيمت 1840 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.اوگرا موجب سوئي سدرن گئس جي اگهن ۾ 96 سيڪڙو واڌ جي درخواست ڪئي آهي، سوئي سدرن 667 رپيا 44 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جي اوسط قيمت ۾ واڌ جي درخواست ڪئي آهي. سوئي سدرن اوگرا کي گئس جي سراسري قيمت 1360 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو