سهيل علي خان اطلاعات ۽ نشريات جو نئون وفاقي سيڪريٽري مقرر

سهيل علي خان اطلاعات ۽ نشريات جو نئون وفاقي سيڪريٽري مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت انفارميشن گروپ جي سينيئر آفيسر سهيل علي خان کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو انچارج وفاقي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سهيل علي خان انفرميشن سروسز جي گريڊ 21 هين جو آفيسر آهي ۽ هن وقت ايڊيشنل سيڪريٽري طور اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن ته انفرميشن سيڪريٽري طور ڪم ڪندڙ ميڊم شهيرا شاهد جيڪا 22 گريڊ ۾ آهي تنهن کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن انفرميشن واري وزارت جي ٽاپ آفيسرن جي بدلي ۽ مقرري جا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو