اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، رياستي ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ الزام لڳائڻ جي ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي وڏي وزير سهيل آفريدي جي غير ضمانتي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.اين سي سي آءِ اي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف پي اي سي اي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.سينئر سول جج عباس شاهه سهيل آفريدي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










