سهري ۽ مڙس وار ڪتري ڇڏيا، ڪشمور ٿاڻي تي نينگري جي دانهن

ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ويجهو لائين پراڻي ڳوٺ حاڪم جکراڻي ۾ ظالم مڙس ۽ سھري  23 سالن جي مسمات حڪيمان لاشاري کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد تذليل ڪندي مٿي جا وار ڪٽي ڇڏيا. متاثره ڇوڪري والدين سان گڏ ڪشمور ٿاڻي تي فرياد ڪرڻ بعد ميڊيڪل لاءِ ليٽر وٺي علاج لاءِ ڪشمور سول اسپتال پھتي. جتي ميڊيا آڏو دانھيندي متاثره نينگري چيو ته مڙس دوست دين گولو ۽ سھري فتح دين گولو 15 ڏينهن تائين ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي مٿي جا وار ڪٽي ڇڏيا.هن مڙس مٿان الزام هڻندي چيو ته کيس گندو پيشو ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿو، انڪار ڪرڻ تي کيس تشدد ڪري تذليل ڪئي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي ڪشمور پوليس چيو ته ميڊيڪل لاءِ اسان ليٽر جاري ڪيو آهي ڪشمور سول اسپتال مان  ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد نينگري تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو