سهراب ڳوٺ ۾ ٻئي ڏينهن به هنگامو، گاڏي کي باهه، گرفتاريون

سهراب ڳوٺ ۾ ٻئي ڏينهن به هنگامو، گاڏي کي باهه، گرفتاريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ٻئي ڏينهن به هنگامي واري صورتحال آهي، جڏهن ته وڳوڙين روڊ بلاڪ ڪري هڪ گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي بلال ڪاڪا جي بي رحماڻي قتل تي رد عمل بعد ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ صورتحال خراب آهي سهراب ڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن جَي واقعن کانپوءِ اڄ اڳواٽ موجود پوليس ڪارروائي ڪري 15 وڳوڙين کي گرفتار ڪري ورتو سهراب ڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن هنگامن دوران گرفتار ٿيل 160 وڳوڙين سوڌو اڻڄاتل جوابدارن خلاف 3 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ايف آءِ آرز ۾ هنگامن، قتل، روڊ بند ڪرڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن پوليس جو چوڻ آهي ته وڳوڙين خلاف ايڪشن سان حالتن کي ڪنٽرول ڪيو ويو، سهراب ڳوٺ ۾ رستن تي ٽرئفڪ معمول موجب جاري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو