سهراب ڳوٺ ۾ وڳوڙين بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

سهراب ڳوٺ ۾ وڳوڙين بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا واقعي کانپوءِ سهراب ڳوٺ ۾ وڳوڙ پکيڙيندڙ، شهرين تي پٿراءُ تي فائرنگ ۽ پٿر وسائيندي گرفتار ٿيل افغاني پٺاڻن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي وڳوڙ پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار 25 وڳوڙي بابت انڪشاف ٿيو آهي ته اُهي افغان شهري آهن ۽ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آهن پوليس اختيارين رپورٽ اعليٰ اختيارين حوالي ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته گرفتار 25 وڳوڙي سهراب ڳوٺ ۾ غيرقانوني طور ترسيل هئا پوليس رپورٽ موجب گرفتار وڳوڙي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آهن، اُنهن وڳوڙن جون وڊيوز افغانستان به اُماڻيون هيون پوليس رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدارن وڳوڙن دوران شهرين کان به ڦرلٽ ڪئي، وڳوڙين جون وڊيوز ڀارت مان سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿيون

پهنجو تبصرو موڪليو