سهانجڙو واسي 3 ڄڻا خيرپور مان مبينا طور اغوا،وارثن جو بازيابي لاءِ احتجاج

سهانجڙو واسي 3 ڄڻا خيرپور مان مبينا طور اغوا،وارثن جو بازيابي لاءِ احتجاج

خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر جي سهانجڙو بوزدار واسي 3 ڄڻا خيرپور جي علائقي مان مبينا طور اغوا، وارثن جو مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو، خبرموجب، خانپورمهر ويجهو ڳوٺ سهانجڙو بوزدار واسي نور محمد بوزدار، بابر علي ۽ سجاد بوزدار پنج ڏينهن اڳ خيرپور ميرس ۾ کجين جي باغ ۾ مزدوري ڪرڻ لاءِ ويا جتان مبينا طور لا پتا ٿي ويا، ان سلسلي ۾ وارثن راشد بوزدار، منظور بوزدار شاهن، مير بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ٽئي نوجوان پنج ڏينهن اڳ خيرپور ميرس کجين جي باغ ۾ مزدوري لاءِ ويا جن کي اغوا ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ٽئي ڄڻا مسلسل لاپتا آهن ڳولا ڪري ٿڪجي پيا آهيون سندن موبائل فونون به مسلسل بند ملي رهيو آهن، جڏهن ته پوليس به ڪا به مدد نه پئي ڪري، ٽئي مغوي مسڪين آهن مزدوري ڪرڻ لاءِ ويا هئا جن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي، ڳوٺاڻن آء جي سنڌ ،ڊي آء جي سکر ،ايس ايس پي خيرپور، خانپورمهر ۽ گهوٽڪي پوليس کان مطالبو ڪيو ته مغوين کي فوري طور تي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو