خانپورمهر(حميد سيال) اين اي 205 جي پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته اڳ وڏ وزارت لاء سنگت واسڪوٽيون تيار ڪرايون پر واسڪوٽيون درزن وٽ ئي رهجي ويون ۽ هاڻي ٻيو ڀيرو کيس سياست مان ٻاهر ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي اتي به کين ناڪامي ملي، 23 تي به ناڪامي سندن مقدر بڻجي چڪو آھي سندس چوڻ ھو ته 23 جولاء تي گڙ ٻڙ جي ڪوشش ٿي ته هر وک، هر گام ۽ هر محاذ تي جواب ڏبو. ادارن پاران سيڪيورٽي جا جوڳا بندوبست ڪيا ويا آھن تڪ جو عوام بنا ڪنهن خوف جي ٻاهر نڪري ۽ تير تي ٺپو هڻي پنهنجو پاڻ کي ڪامياب ڪري مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته چونڊ ڏهاڙي تي هر حال ۾ پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ۔

اتحادي ۽ سندس چاهيندڙ پرامن رهن ۽ ڪنهن به پروپيگنڊا يا افواهه يا سوشل ميڊيا تي يقين نه ڪن. سردار محمد بخش خان مهر چيو ته جڏهن هن پورو ضلعو گهمي ڏٺو آھي ته کيس خبر پئي آھي ته سنگت جو مقصد رڳو مون کي پوئتي ڪرڻ نه هو پر ضلعي جي خوشحالي کي به پوئتي ڌڪڻ ھو ۔ هن چيو ته احمد علي خان کي ڪير سمجهائي ته سندس سپروائيزر جو مقصد پيپلز پارٽي سان نه مون سان ۽ عوام سان هو جي پيپلز پارٽي سان هجي ها ته سندس ڀاء ۽ پٽ کان استيفي ڇو ڪون ڏيارايائين. سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته ماڻھن کي چيو پيو وڃي ته اسلام آباد ۽ ڪراچي هليو ويندو پر مان ڪاڏي به ڪون ٿو وڃان ۽ 24 ئي ڪلاڪ عوام جي خدمت لاء سندس دروازاکليل رهندا.










