ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس انٽيليجنس ادارن جي گڏيل ڪاروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم سنڌو ديش لبريشن آرمي جي اهم ڪارندي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته رميش ڪمار نالي هن شخص کي ايئرپورٽ لڳ ڀٽائي آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو بم ٺاهڻ جو ماهر آهي. وفاقي اردو ڪالج مان فزڪس ۾ ڊگري حاصل ڪندڙ ملزم سنڌ ۾ 38 جاين تي بم ڌماڪن جي رٿا بندي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته شفيع برفت جرمني مان کيس هدايتون ڏيندو هو.










