سنڌ ۾ 1461 ارب روپين جي ڪرپشن ٿي آهي، حليم عادل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت آديٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ جنهن ۾ ڪرپشن کي بينقاب ڪيو ويو آهي اها ايوان ۾ پيش ڪرڻ بدران لڪائي رهي آهي. سنڌ اسمبلي ۾ وڏي وزير جي موجودگي ۾ هن 2018. 2019 ۽ 2020 جي ڪرپشن بابت آديٽر جنرل جون رپورٽون لهرائيندي چيو ته 2017 واري رپورٽ جي ڀيٽ ۾ 2020 واري رپورٽ ٽيڻ تي ٿلهي آهي ۽ وڌندڙ ڪرپشن جو ثبوت آهي. سنڌ حڪومت جي ڪرپشن سبب ڪتابن جو وزن وڌي ويو آهي. هن چيو ته 2019-20 ۾ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. هن چيو ته آديٽر جنرل جي رپورٽس موجب 13 سالن ۾ 7880 ارب روپيا سنڌ کي مليا ۽ 1461 ارب روپين جي ڪرپشن جي مالي بي ضابطگين جي نشاندهي آديٽر جنرل آف پاڪستان ڪئي آهي. هن چيو ته ان عرصي ۾ امن امان تي 753 ارب خرچ ٿيا پر هر طرف ڊاڪو راڄ آهي.آءِ جي جا سمورا اختيار وڏي وزير وٽ آهن. حليم عادل چيو ته صحت تي 620 ارب روپيا خرچ ٿيا آهن پر ملي ڪتي جي ويڪسين به ڪو نه ٿي. وزير صاحبه چوي ٿي لاشن لاءِ ايمبولينس نه ملندي، باقي ايم ايس جي ٻارن کي اسڪول پهچائڻ ۽ سبزيون آڻڻ لاءِ استعمال ٿيندي. ڳڙهي ياسين ۾ رڪشا تي لاش کنيو ويو، جيو اسان سڀني تي ٿُڪي رهيو هو. اڳ ۾ ماڪڙ لاءِ 40 ڪروڙ جون گاڏيون خريد ڪيون ويون سڀ ويگو گاڏيون وزيرن وٽ آهن. هن چيو ته هاني ڪتن پڪڙڻ لاءِ 24 ڪروڙ جون گاڏيون خريد ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ ڪتا صاحب گهمندا.

پهنجو تبصرو موڪليو