سنڌ ۾ گورنر راڄ نٿو لڳائي سگهجي،فواد چوڌري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ گورنر راڄ نٿو لڳائي سگهجي، اهڙيون ڳالهيون ڪندڙن آئين پڙهيو ئي نه آهي، سنڌ ۾ گورنر راڄ نه، پر آئين تي عمل نه ٿيڻ جو بحران آهي، آئين موجب وفاق کان سنڌ کي مليل پئسو سمورن ضلعن ۾ فارمولي تحت ورهايو وڃي، آئين تي عمل نٿو ٿئي ته سپريم ڪورٽ اُن تي عمل ڪرائي، ڇاڪاڻ جو سپريم ڪورٽ آئين جي محافظ آهي، ريڪوڊڪ سوڌو ٻين ڪيسز ۾ پاڪستان تي ڏنڊ نواز شريف ۽ افتخار چوڌري جي ڪري پيا آهن، ٻڌايو ته ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي، فواد چوڌري پ پ سان مبينا ڊيل بابت افواهن جو جواب نه ڏنو ۽ چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي ئي هوندي. نجي ٽي وي سان ڳاله ٻولهه ڪندي فواد چوڌري چيو ته پرويز مشرف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني سان گڏجي ڪم ڪيو آهي، ساڻن ذاتي طور احترام جو رشتو آهي، باقي سياست اسان نه، پر تڪ طئه ڪندا آهن، اُن موجب اڳتي وڌندا آهيون. هن چيو ته سڌ ۾ گورنر راڄ نٿو لڳائي سگهجي، اهڙيون ڳالهيون ڪندڙن آئين پڙهيو ئي ناهي، 18هين ترميم کانپوءِ آئين ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي گنجائش تمام گهٽ آهي، اسان جو موقف آهي ته آئين جي ڀڃڪڙي سان نه، پر اُن عمل ڪرڻ سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، آئين ۾ آهي ته وفاق طرفان صوبن کي مليل پئسا فارمولي تحت ضلعن ۾ ورهايا وڃن.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جو نه، آئين تي عمل نه ڪرڻ جو بحران آهي، هن سال سنڌ کي بجيٽ ۾ ساڍا 7 ارب رُپين تائين پئسا ملندا، اُن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو سميت سمورن ضلعن کي پنهنجو حصو ملڻ گهرجي، بجيٽ جي منصفاڻي ورڇ ٿيڻ گهرجي، سنڌ ۾ آئين تي عمل نٿو ٿئي ته سپريم ڪورٽ کي عمل ڪرائڻ گهرجي، آئون ٻيهر سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪندس ته آئين تي عمل ڪرائي، ڇاڪاڻ جو سپريم ڪورٽ ئي آئين جي محافظ آهي.پارليامينٽ ۾ هنگامي ۽ جهيڙي بابت سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اُن واقعي کي ڪنهن به سٺو قرار ناهي ڏنو، باقي وفاقي وزيرن ڪابه اعتراض جوڳي ڳالهه نه ڪئي هئي، اهو رڳو پارليامينٽ نه پر اسان جي معاشري جو مسئلو آهي، ميڊيا تي به اهڙن ماڻهن کي ڪوريج ملي ٿي، جيڪي پارليامينٽ اندر هنگامي ۾ ملوث هئا.فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت تاريخي قانونسازي ڪئي آهي، هڪ ڏينهن ۾ 21 بلز منظور ڪرايا ويا، قومي اسيمبلي بعد سينيٽ ۾ به عددي اڪثريت ملي وئي آهي، اسان لاءِ هاڻي بل منظور ڪرائڻ ڪوبه مسئلو ناهي، تنهن ڪري اپوزيشن عجيب قسم جون حرڪتون ڪري رهي آهي.ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي شڪست بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ضمني چونڊن ۾ شڪست جو ڪارڻ هڪ اهو آهي ته حڪمران جماعت روايتي سياست نه ڪئي، نه ته ماڻهو چوندا هئا ته ننڍي چونڊ ۾ حڪومت خلاف وڙهڻ جو ڪوبه فائدو ناهي، ڪهڙو ڪاميابي ملندي، پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ حڪومت روايت وڌي آهي ته ضمني چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، پي ٽي آءِ جي غلطي اها آهي ته اُميدوارن جي چونڊ کان اليڪشن مهم تائين، ڪنهن به مامري تي ائين زور نه ڏنو ويو، جيئن ٻيون سياسي پارٽيز ڪنديون آهن، باقي گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ کي ڪاميابي ملي ۽ انشاءَ الله ڪشمير جي اليڪشن به پي ٽي آءِ کٽَي ويندي.فواد چوڌري جو چوڻ هو ته نواز شريف سزايافتا ڏوهاري آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز سوڌو اهم ڪيسز ۾ جوابدارن سزائون ڏنيون ويون آهن، کين جيل ۾ رکڻ جو ڪوبه شوق نه آهي، اسان چئون ٿا ته پاڪستان جو پئسو واپس ڪريو، پوءِ جيڏانهن وڻي، هليا وڃو، اسان اهو به چئون ٿا ته شهباز شريف ۽ آصف زرداري سوڌو ٻين اهم ڪيسز تي روزانو بُنيادن تي ٻڌڻي ڪئي وڃي ته جيئن عوام آڏو حقيقتون پڌريون ٿي سگهن، اُن لاءِ جاچ کان وٺي هر قسم جي مدد ڪئي، باقي نيب آزاد ادارو آهي، اُن کي ڪيسز اڳتي کڻي هلڻا آهن.وفاقي وزير چيو ته ريڪوڊڪ سوڌو ٻين ڪيسز تي پاڪستان مٿان ڏنڊ نواز شريف ۽ افتخار چوڌري جي ڪري پيا آهن، اسان جو اُن سان ڪوبه واسطو ناهي، ٻڌايو ته نواز شريف ۽ افتخار چوڌري ۾ ڪهڙو فرق آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي سان مبينا ڊيل وارن افواهن بابت سوال جو جواب نه ڏنو ۽ چيو ته اڳتي هلي سڀ خبر پئجي ويندي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو