سنڌ ۾  گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان

سنڌ ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڏکڻ سنڌ ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي سميت ڏکڻ سنڌ ۾ ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن تائين موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، ٺٽي، بدين ۽ حيدرآباد ۾ پارو 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ڇنڇر تي موسم سخت گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي ۽ شهر ۾ گرمي پد 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو