ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ سنڌ سرڪار کان ڪڻڪ خريد ڪري رقم واپس نه ڪرڻ جي انڪوائري هيٺ اچڻ بعد پلي بارگين ڪندڙ 24 فلور ملز مالڪن کان منافعي واري رقم نه وٺڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهوٽڪي جي 25 فلور ملز مالڪن خلاف انڪوائري بابت پيش رفت رپورٽ گهري ورتي آهي. عدالت مختلف فلور ملز مالڪن پاران نيب خلاف داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ان موقعي تي گهوٽڪي جي چاند فلور ملز جي مالڪ جي وڪيل نثار ڀنڀرو موقف اختيار ڪيو ته چاند فلور ملز ته نيب سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي پر نيب زيادتي جي حد ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته نيب خوراڪ کاتي جي اڳوڻي وزير، سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر خوراڪ کي جوابدار قرار ڏيڻ بدران نيب کين ڇڏي رڳو واپارين خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي. ان موقعي تي عدالت نيب سکر جي ڊائريڪٽر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جن فلور ملز پلي بارگين ڪئي انهن کان نفعي جي رقم ڇو نه ورتي وئي؟. عدالت چيو ته نيب جا آفيسر ئي پنهنجي اعليٰ آفيسرن کي گمراهه ڪندا آهن. نيب جي ڪري ڪڻڪ جي کوٽ ۽ اٽي جو بحران پيدا ٿيو. نيب گدامن مان ڪڻڪ کڻڻ ۽ رقم واپس نه ڪرڻ تي ڪارروائي ڪري ها ته اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ها؟. ان موقعي تي نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نيب 50 کان 24 فلور ملز جي مالڪن سان پلي بارگين ڪري ورتي آهي ۽ 32 سئو رپيا في ٻوري جي حساب سان فلور ملز مالڪن کان رقم پڻ وصول ڪئي آهي. نيب موجب جوابدارن 2 ارب رپين جي پلي بارگين ڪئي آهي. عدالت نيب کي جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.










