سنڌ  ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي

سنڌ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي

سيوهڻ (ن س)سنڌ جي مختلف علائقي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.ميرواهه گورچاڻي ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. باءِ پاس تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل تي سوار قاسم حسين راجپوت ۽ تابش ملڪ موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.هوڏانهن لاڙڪاڻي جي ميروخان چوڪ واري علائقي ۾ بريڪ فيل ٿيڻ سبب ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي جي نتيجي ۾ قمبر عرف لياقت علي کٽياڻ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته منظور علي ۽ آصف جاگيراڻي زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽرڪ ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي، لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو