سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور،قوم پرست جماعت جي ڪارڪنن جو احتجاج

سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور،قوم پرست جماعت جي ڪارڪنن جو احتجاج

دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ قوم پرست جماعت جي ڪارڪنن وحيد گشڪوري، ماجد عمراڻي، نادر پنهور ،آصف پنهور ۽ ٻين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري اسان ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ نقصانڪار آهي ھنن وڌيڪ چيو ته افغاني پٺاڻن بيگناھ بلاول ڪاڪا کي بيدردي سان مٿس تشدد ڪرڻ کان پوءِ گوليون ھڻي قتل ڪيو ھنن چيو ته ڌارين کي گھرجي ته ھو پاڻ مرادو سنڌ مان ھليا وڃن اسان سنڌ حڪومت ۽ وفاق حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڌارين افغانين کي فل فور سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ بلاول ڪاڪا جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو