سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري تي عدم اعتماد ڪيون ٿا: رياض چانڊيو

سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري تي عدم اعتماد ڪيون ٿا: رياض چانڊيو

ملير ( پ ر)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه ۽ ٻين اڳواڻن ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري تي عدم اعتماد ڪيون ٿا، هڪ سازش تحت سنڌ جي آدمشماري کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. 28 مئي تي آدمشماري، بيروزگاري ۽ پورٽ قاسم انتظاميه پاران مقامي ماڻهن سان ناانصافي خلاف هڙتال جو سڏ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. رياض چانڊيو چيو ته 28 مئي تي سڄي سنڌ ۾ پرامن هڙتال ڪئي ويندي. هن سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته 28 مئي تي پنهنجو ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪري هڙتال کي ڪامياب بڻايو وڃي. رياض چانڊيو وڌيڪ چيو ته هڪ منصوبي تحت سنڌ جي آدمشماري کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي خاص ڪري ملير سميت سڄي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آدمشماري عملي ڳڻپ ڪرڻ بدران گهر ويٺي آدمشماري ڪئي آهي. هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جي نالي تي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت آدمشماري کي قبول نه ڪندا. اسان وفاقي حڪومت پاران ڪرايل آدمشماري کي تسليم نٿا ڪيون، هن چيو ته سنڌ حڪومت هن وقت آدمشماري صحيح نموني نه ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، آدمشماري ڪندڙ عملو سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي ان وقت سنڌ حڪومت صحيح نموني آدمشماري ڇو نه ڪرائي، هن چيو ته پيپلزپارٽي وفاق ۽ سنڌ ۾ آهي ان باوجود سنڌ جي آدمشماري گهٽ ڏيکاري وئي آهي. جيڪا سنڌي قوم سان ظلم ۽ ناانصافي آهي، رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ بک بدحالي ڇانيل آهي ڪراچي کان ڪشمور تائين غربت سبب ماڻهون خودڪشيون ڪري رهيا آهن خوشحال سنڌ جا ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ اچي ويا آهن پيپلزپارٽي سرڪار سنڌ جي تباهي پاڻ ڪئي آھي هاڻ واڳون وارا ڳوڙا ڳاڙي پئي ۽ وزير اعلي سنڌ مراد شاھ بلاول زرداري چون ٿا ته سنڌ سان ناانصافي ٿئي پئي,هن چيو ته پورٽ قاسم انتظاميه مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ٻاهرين ماڻهن کي روزگار ڏيئي رهي آهي، پورٽ قاسم جن ڳوٺاڻن جي زمينن ۽ گهرن تي قائم ڪيو ويو انهن ڳوٺاڻن کي روزگار سميت ڪا به سهولت نه ڏني وئي آهي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي ملير ضلعي ۾ ٿي آهي ان باوجود آدمشماري ۾ ملير کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته پورٽ قاسم انتظاميه مقامي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. پورٽ قاسم اٿارٽي مقامي ماڻهن جي ڳوٺن تي ٺهي آهي پورٽ قاسم انتظاميه سان معاهدو ٿيل آهي ته هيٺين گريڊ جون نوڪريون مقامي ماڻهن کي ڏنيون وينديون. معاهدي باوجود هن وقت تائين مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏنو ويو آهي جيڪو عمل ظلم ۽ زيادتي برابر آهي. هن چيو ته پورٽ قاسم انتظاميه مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ ٻيون سهولتون نه ڏيڻ خلاف پورٽ قاسم جي مک گيٽ آڏو ملير جا لکين ماڻهون ڌرڻو هڻي ويهي رهندا. ان موقعي تي ممتاز بروهي، شوڪت سانبل، نثار چانڊيو، عنايت چانڊيو، فقير بشير چانڊيو ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو