مٺي(رپورٽر)سنڌ ۾ اقليتن واري کاتي پنهنجا نواز پاليسي تحت من پسند ۽ جيالن کي گهر ۽ اوطاقون ٺاهي ڏيڻ لاءِ نستسنگ ۽ آشرم نالي 8 ڪروڙ 57 لک، 67 هزار کان وڌيڪ رقم جاري،مرضي جي نقشن تي ڪم شروع ڪرائي ڇڏيا آهن،انهي ڪروڙين رپين جي رقم مان فائدو وٺندڙ پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر سينٽر انجنيئر گيانچند سميت اهم اڳواڻ ۽ جيالا شامل آهن،جڏهن ته ڄاڻايل رقم مان علائقي واسين کي فائدو ٿيڻ بجاءِ بااثر جا ديرا آباد ٿيڻ لڳا آهن،ٿر جي اهم اقليتي اڳواڻن اهڙي عمل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڪرپشن ٿيندڙ رقم جي نيب ۽ اختيارن کان جانچ ۽ ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي،ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي اقليتن واري کاتي جي صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال پاران سنڌ ۾ من پسند ماڻهن،جيالن ۽ اڳواڻن کي نوازڻ لاء 62 ستسنگ،آشرم ۽ ڪمپائونڊ والن تي ڪروڙين روپين جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو هو،جنهن مان ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف علائقن علائقن ۾ پيپلزپارٽي ضلعي ٿرپارڪر جي صدر سينٽر انجنيئر گيانچند سميت اهم اڳواڻن ۽ جيالن کي نوازڻ لاء فرضي نالن تي 8 ڪروڙ 57 لک 67 هزار کان وڌيڪ رقم جاري ڪري 22 ڄڻن کي گهر ۽ اوطاقون ٺاهي ڏيڻ لاءِ ستسنگ ۽ آشرم منظور ڪيا ويا آهن،جتي انهي رقم مان مينارٽي فنڊ جي انجنيئر فاروق سولنگي سان ملي ڀڳت ۽ ڏوڪڙ ڏيئي اصل اسٽيٽمينت تي ڪم ڪرڻ بجاءِ مرضي جي ٺهرايل نقشن تي ڪم شروع ڪرايو ويو آهي،جيڪي ڪم ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏنا ويا آهن انهن ۾ پ پ پ ضلعي صدر انجنيئر گيانچند جي ڳوٺ ويرهاڙ ۾ گهر جي ڀرسان ڀڳت جيرام داس آشرم 47 لک 65 هزار،باءِ پاس تي ٺڪاڻو ميگھواڙ پاڙو ستسنگ هال لاءِ 46 لک رپيا،پيپلزپارٽي پارٽي ليڊر ونگ جي سمترا منجياڻي جي چاچي راڻو منجاڻي عاقلي پاڙو ستسنگ هال 22 لک،لکميار ماتا مندر ستسنگ هال 21 لک 45 هزار،ساتار مهراج ملجي رام ڌاڻي ٿلو،ديوار،ڇپرو لاءِ 22 لک روپيا،ستسنگ هال وارڊ نمبر هڪ پٿورو مندر ڏيپلو 27 لک 65 هزار،ستسنگ هال سڀڙي راما پير ڏيپلو 22 لک 30 هزار،پ پ پ ضلعي صدر جي ڀاڻيجي ۽ نيشنل بئنڪ جي وائس پريزيڊنٽ وشن داس ستسنگ هال 20 لک 96 هزار روپيا،ستسنگ هال ڪرمو پاڙو گرڙي 35 لک 79 هزار،ديوار شمشان گهاٽ اسلام ڪوٽ 22 لک 44 هزار،ستسنگ هال مهياري روڊ پارو ون هال 46 لک روپيا،سماڌي ڳوٺ ويدو 30 لک روپيا،ستسنگ هال راما پير ٻتنگياري 22 لک،آستان ڌرم پوري ويراواهه 81 لک 62 هزار،ڌناگام پهلاج پاڙو ننگرپارڪر 22 لک،ستسنگ هال راڻپور 22 لک 75 هزار،ستسنگ هال نبيلي مصري 22 لک 75 هزار،ستسنگ ديوار رڻلي 20 لک 44 هزار،ستسنگ هال ترڪيا ڪالوني 44 لک 99 هزار،ستسنگ هال مهشوري پاڙو چيلهار 20 لک روپيا،ستسنگ هال ڪاڳيا پاڙو 48 لل 54 هزار،ستسنگ هال ٻڌاڻي ڪالوني چيلهار 43 لک 34 هزار،پ پ پ ضلعي صدر انجنيئر گيانچند جي پي اي پيرومل ميگھواڙ جي نالي ستسنگ هال 17 لک روپيا،ٺيڪيدار ڀورو مل،ڪلارام ٿرديپ اڪائونٽ آفيسر،ماتا مندر ڪلوئي، کينروهي، ملجي موتي مل ڏيپلو ميو پاڙو ڏيپلو ۽ ٻيا درجنن ستسنگ هال شامل آهن جن جيالن ۽ اڳواڻن کي نوازيو ويو آهي انهن پنهنجن گهرن اندر مرضي جي نقشن جا ڪمرا ۽ اوطاقون ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن پر مينارٽي فنڊ جي ڪروڙين روپين جي ورهاست اقربا پروري جي نظر ڪئي ويئي آهي پر کيس ڪير به پڇاڻو ڪرڻ وارو نه آهي،اهڙي ريت مينارٽي کاتي جي رقم جئين جو تئين من پسند انجنيئر فاروق سولنگي حوالي ڪري ڇڏي آهي جيڪو ڪميشن عيوض ارم بي رڪارڊ ڪري رقم ڪڍرائي پئي وڃي، اهڙي طريقي جي مينارٽي کاتي ۾ ڪرپشن هجڻ، جيالا ۽ پنهنجا نوازڻ واري پاليسي تي ٿر جي سڄاڻ ڌرين ۽ اقليتي اڳواڻن گڻتي ظاهر ڪندي نيب ۽ ايف آئي اي سميت اختيارين کان جانچ جو مطالبو ڪندي بااثرن جي گهرن ۾ ٺهيل ستسنگ ۽ آشرم جي رقم واپس ڪرائي مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي،










