دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي پريس ڪلب دادو آڏو سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي جسقم اڳواڻ منصور جمالي، نياز چنه،غازي سنڌي سيد عظيم شاھ، سرور ملڪ، عباس قريشي ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته ھٿ وٺي سنڌ کي سڪائڻ جي ناپاڪ سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪڏھن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ھنن وڌيڪ چيو ته ھن وقت سنڌ جي زرخيز زمين پاڻي ڦڙي لاءِ سڪي پئي پر حڪمرانن سنڌ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ڌارين کي ڏئي سنڌ کي سُڪائي سنڌ جي ماروئڙن سان وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي سڄي سنڌ جا ھاري سراپا احتجاج بڻيل آھن ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري سنڌ جي ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي










