ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بنيادي سهولتن کان محروم ۽ وبائي مرضن ۾ مبتلا سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين اڃا تائين حڪومتي امداد جا منتظر آهن.ٻوڏ کانپوءِ نصيرآباد ۽ نوشهروفيروز ۾ مليريا، گيسٽرو، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.پڊعيدن جي خيمي آبادي ۾ آيل ٻوڏ متاثرن جو چوڻ آهي ته انتظاميه يا ته سندن گهرن مان پاڻي ڪڍيو وڃي يا وري امداد ڏني وڃي.ٻئي طرف دادو جي ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ مليريا ۽ گيسٽرو جي متاثرن جو انگ 4 هزار کان وڌي ويو آهي.










