سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 760 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن:شرجيل

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 760 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن:شرجيل

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 760 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، جاري بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ سنڌ ۾ وڌيڪ 38 هزار 2 سئو 50 خاندانن کي راشن جا ٿيلها ڏنا ويا آهن صوبائي وزير شرجيل ميمڻ موجب هن وقت تائين 13 لک کان وڌيڪ خاندانن ۾ راشن جا ٿيلها ورهائي چڪا آهيون متاثرن ۾ وڌيڪ مڇرداڻيون،ترپالون، خيما سميت ٻيو سامان پڻ ورهايو ويو آهي، ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 760 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن

پهنجو تبصرو موڪليو