ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جون تباهيون جاري آھن، سنڌو درياءَ ۾ وهڪرا وڌي رهيا آهن، بندن تي دٻاءُ برقرار آهي، خلق پاڻي هيٺ آيل علائقن مان بندن تي ويٺي آهي.پاڻي ۽ خوراڪ جي سخت کوٽ آهي، امدادي ڪاروايون محدود پئماني تي جاري تي آهن پر عوام جون دانهون آهن. ڊائريا جي بيماري به عام ٿي رهي آهي.

مريد شاخ ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ جايون ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي. سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، گهرن ۾ 4 فٽ تائين پاڻي بيٺل، ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ پريشاني ٿي رھي آھي. پکو ۽ ڀرپاسي برسات سبب ڊهي پيل گهرن جو انگ 700 ٿي ويو، ڳوٺن کي گهيري ويٺل پاڻي نيڪال نه ٿيو، ملڪاڻي شريف ۾ جرڪس شاخ جو ٻڌل گهارو ٻيهر ٽٽي پيو.

ملڪاڻي شريف ۾ 200 فُٽ گهاري جي پاڻي ڀرپاسي جي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، ڄام صاحب شهر ۾ سِم نالن کي لڳل گهارن جو پاڻي داخل، شهر جي بس اسٽاپ سوڌو ڪيترائي پاڙا پاڻي هيٺ اچي ويا. خيرپور شھر ٻڏي ويو، سوين خاندان بندن ۽ محفوظ جاين ڏانھن رخ ڪري رھيا آھن، کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي وئي آھي، حڪومت توڙي انتظاميا سندن ڪا بھ واھر نھ ڪئي، خلق بي يارو مددگار بڻيل آھي. لاڙڪاڻي ۾ برسات رڪجي وئي آھي پر برسات سبب سوين گھر ڊھي پٽ پئجي وئي آھي، مختلف ڳوٺن۾ پاڻي بيھڻ ۽ گھر ڊھڻ سبب ماڻھو لاڙڪاڻي شھر جو رخ ڪري رھيا آھن، ڳوٺن ۾ خوراڪ جي کوٽ ٿي وئي آھي، شھر ۾ ڪرائي جي جاءِ 20 کان 30 ھزارن ۾ ملي رھي آھي.

منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان واڌ جاري آهي، پاڻي جي سطح وڌي 20 فُٽ 4 انچ ٿي وئي، سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ چاڙهه بعد منڇر مان پاڻي جو ڇوڙ به گهٽجي ويو آھي. جهانگارا، باجارا، بوبڪ، واهڙ، آراضي ۽ يوسي چنا جا سمورا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا، آبپاشي اختيارين جو چوڻ آهي ته منڇر ۾ پاڻي جي گنجائش 26 فُٽ آهي، وڌيڪ 4 فُٽن تائين پاڻي پاڻي جمع ٿي سگهي ٿو. سنڌوءَ ۾ چاڙهه سبب منڇر مان رڳو هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ٿي رهيو آهي. عملو غائب آهي، رابطي تي چون ٿا آسماني آفت آهي اسين ڇا ڪريون.










