لاهور(ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير معين وٽو چيو آهي ته گرين پاڪستان منصوبي تحت سنڌ ۾ ٻه، پنجاب ۾ ٻه ۽ بلوچستان ۾ هڪ ڪينال ٺاهڻا آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڻي وسيلن جي وفاقي وزير معين وٽو انڪشاف ڪيو ته ڪينال جو مسئلو غلط فهمي ۽ صلاح مشوري جي کوٽ سبب تڪرار جو سبب بڻيو، پر هاڻي ان تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن ۽ هاڻي هي مسئلو خوش اسلوبي سان حل ڪيو ويندو.معين وٽو چيو ته گرين پاڪستان منصوبي تحت، ٻه واهه سنڌ ۾، ٻه پنجاب ۾ ۽ هڪ بلوچستان ۾ ٺاهڻا آهن.هن چيو ته هر صوبو پنهنجي حصي جو پاڻي جيئن چاهي استعمال ڪري سگهي ٿو.










